خير شاهه 2

خير شاهه 2: ميان سيد خير شاهه ولد حاجي امام علي شاهه 1904ع ڌاري ڳوٺ ڪرائي، ڪوئيٽا ۾ جنم ورتو. سندس وڏا ڪوئيٽا جي ڀر ۾ چئن ميلن جي پنڌ تي ڪرائيءَ جي ڳوٺ جا رهاڪو هئا. ميرن جي صاحبيءَ ۾ سندن بلوچ مريد سنڌ ۾ لڏي آيا هئا، جنهنڪري هي به اڪثر سنڌ ايندو رهندو هو. ميان خير شاهه جا وڏا پهرين سنڌ ۾ گلري نالي ڳوٺ تعلقي ڪنڊياري ۾ لڏي اچي ويٺا. ان کانپوءِ سندس والد ميان امام علي شاهه 1872ع ۾ نوابشاهه ضلعي ۾ زمين خريد ڪري نوابشاهه جي ڀر ۾ پنجن ميلن جي پنڌ تي پنهنجو ڳوٺ ٻڌي اچي ويٺو.
ميان خير شاهه ابتدائي سنڌي تعليم قديم دستور موجب ملان محمد دائود گهانگهري کان ڄام نور الله ڳوٺ تعلقي ڪنڊياري مان ورتي. پارسي الله بخش سيٺر وٽ پڙهيو، 1925ع ۾ سندس والد وفات ڪري ويو. گهر ۾ وڏو هجڻ سبب ڪاروبار ۽ زمينون سنڀاليائين. جيئن ته سياسي طور سرگرم هو. پهريون ڀيرو 1923ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ نوابشاهه جو ميمبر چونڊيو، 1928ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ نوابشاهه جو ميمبر چونڊيو، جنهن تي 1945ع تائين رهندو آيو. 1944ع ۾ مسلم ليگ جماعت ۽ مسلم ليگ وزارت جي وچ ۾ اختلاف ٿي پيو. مسلم ليگ اندر بلوچ گروپ پيدا ڪرڻ لاءِ نوابشاهه ۾ سيد خير شاهه جي خلاف بلوچن کي اليڪشن ۾ بيهاريو ويو. 1945ع جي آخر ۾ سنڌ مسلم ليگ پارليامينٽري بورڊ ٺهيو، جنهن جو هيءُ پڻ ميمبر هو. 1948ع ۾ سيد خير شاهه وفاقي اسيمبليءَ جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو ويو. 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون، جنهن ۾ مسلم ليگ طرفان اميدوار طور چونڊجي ڪاميابي ماڻيائين، 1954ع ۾ خانبهادر ايوب کهڙي ونيونٽ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو. ان کان پوءِ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جي ميمبرن جون چونڊون ٿيون. شاهه صاحب نوابشاهه مان چونڊجي آيو ۽ ريپبليڪن پارٽيءَ ۾ داخل ٿيو. خير شاهه لاءِ جي. ايم. سيد پنهنجي ڪتاب ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ ۾ لکيو آهي ته: ”شاهه صاحب نظرياتي سياست مان گهڻو واقف نه هو، ليڪن منجهس ڪي خاصيتون آهن، جي زميندار طبقي جي عام سياستدانن ۾ هونديون آهن. هيءُ جوشيلو، بي ڊپو، آزاد خيال وارو سياستدان آهي. هر مقابلي جي ميدان ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد هيءُ سڏ تي لبيڪ چئي اچي حاضر ٿيندو آهي ۽ مخالفن جو ساٿ ڏيندو آهي“.
ميان خير شاهه 1958ع واري مارشل لا بعد سياست کان ڪناره ڪشي اختيار ڪئي. هن 3 مئي 1982ع تي وفات ڪئي. سندس فرزند سيد نذر شاهه به ناميارو سياستدان ٿي گذريو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو